پير ھاشم شاهه جو مقبرو

پير ھاشم شاهه جو مقبرو: هي مقبرو مٽياري شھر ۾ آهي. چورس رٿ جو هي مقبرو 28x28 فوٽن جو آهي، جيڪو 1175هه/1761ع ھجريءَ ۾ جڙي راس ٿيو. اهڙو ڪتبو مقبري تي لڳل آهي. هي پڪين سرن جو ٺھيل مقبرو مٽيارين جي شھر جي اولهه ۾ آھي. حيدرآباد- سکر ايندي ويندي نظر ايندو آھي. اندر وري ٻاھر ڪاشيءَ جو سھڻو ڪم ٿيل آهي. مقبرو اصل حالت ۾ نٿو رھي جو وقت به وقت سندس مرمت ٿيندي اچي ٿي. مقبري ۾ اندر الھيار شاهه ۽ نورشاهه جون تربتون آھن. مقبري کي چوڌاري ننڍڙو ڪوٽ به ڏنل آھي.
پير هاشم شاهه بن سيد آدم شاهه بن سيد آيل شاهه بن سيد ناليچڱو بن سيد محمد حافظ بن سخي رڪن الدين شاهه، جنهن جو مقبرو مٽياريءَ ۾ آهي. پنهنجي وقت جو پرهيزگار شخص هو. روايت آهي ته لطيف سائين جو پيءُ سيد حبيب شاهه سندس مريد هو. جتي لطيف جي ڄمڻ لاءِ دعائون ٻين عالمن ۽ درويشن گهريون، اتي سيد هاشم شاهه جي دعا به اگهامي ۽ لطيف ڄائو. جنهن جي تربيت ۾ سندس هٿ هو. سخي هاشم شاهه 12 ربيع الاول 1120 هه تي وفات ڪئي. هر سال سندس ميلو 12-13-14 ربيع الاول تي لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو